Posts

Showing posts with the label عمرڪوٽ

عمرڪوٽ جي تاريخ

 عمرڪوٽ جي تاريخ پاڪستان جي صوبي سنڌ جو شهر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جو صدر مقام آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ شهر قديم شهرن مان ليکجي ٿو. روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کي کڻي اچي هن شهر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو. هيءُ شهر 22 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 47 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي. هي واريءَ ۾ ڏاڍي زمين جي دنگ تي آهي. هتي 1542ع ۾ هاڪارو مغل بادشاهه اڪبر اعظم ڄائو هو. هن شهر جو بنياد بلڪل آڳاٽو آهي ۽ غالباً عمر سومري جو ٻڌايل آهي. يارهين صديءَ ۾ راجا اَمر سنگ قلعو ٺهرايو. 1355ع ۾ عمر سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي قلعو ٺهرايو، جو اڃا تائين سلامت آهي. ڪن محققن جي راءِ آهي ته قلعو سنڌ ۾ اسلامي دور کان به اڳ جو جوڙايل آهي. انگريزن عمرڪوٽ کي ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو. 1906ع کان پوءِ ميرپروخاص هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار چڱو هلي ٿو. هن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽ واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هيءُ شهر اڳي راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهنڪري ٿر جو ”تِيلاٽ“ ليکبو هو. مارواڙي قومون گهڻو ڪري پهريائين هتي اچي رهيون، جي پوءِ 1874ع ۾ اڀرندي نماري جي ٻوڏن ۽ ٻي...