ميگھدوُت , ڪاليداس
اَوائِلي سنسڪرت ادب جي شاھڪار تخليق ميگھدوُت مُڪيش بارٿاڻي ڪاليداس سنسڪرت ٻوليءَ جو عظيم شاعر ٿي گذريو آھي. جنھن پنھنجي دور جي شاعري ۽ ڊرامن جا ڪيترائي جُلد سنسڪرت ٻوليءَ کي ارپيا آھن. جنھن ۾ شڪونتلا، رُت سمارا، وڪرموروسيا، اُروَسي. ڪمارا سمبوا ۽ رُڳووسا جھڙيون شاھڪار تخليقون شامل آھن. پر عظيم ليکڪ ڪاليداس جي لکڻين مان ميگھ دُوت ۽ ڊرامو “شڪونتلا” تمام گھڻو مشھور ٿيا. جنھن کي عالمي سطع تي پڻ بيحد پذيرائي ملي ھئي. شڪونتلا سڀ کان پھرين ڊارمو جديد يورپين ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. وليم جانس جنھن ڪاليداس کي “ڀارت جو سيڪسپيئر” سڏيو آھي. ميگھ دُوتم ھڪ ننڍڙي ڪتاب گيت مالھا تي مشتمل ڊگھي خوبصورت شاعري جي لَڙِي جيڪا اوائلي وقت جي سنسڪرت جي شاھڪار تخليق آھي. ميگھ دُوت ۾ شاعر ڪاليداس ڪڪر کي، پنھنجي زال کان وڇڙيل يُڪش ( ديوتا جو نالو) جو زال ڏانھن نياپو پھچائڻ وارو قاصد بڻايو آھي. وڇوڙو ڪيتريون ئي يادگيريون تازه ٿو ڪري ٿو، ۽ ڏک جي علامت آھي. شاعريءَ ۾ اھڙي منفرد نموني ۽ نھايت ئي موھيندڙ لفظن سان اظھار ڪيو ويو آھي. جنھن ميگھ دُوت جي تخليق ڪندڙ عظيم سنسڪرت جي شاعر ڪال...