ميگھدوُت , ڪاليداس
اَوائِلي سنسڪرت ادب جي شاھڪار تخليق ميگھدوُت
مُڪيش بارٿاڻي
ڪاليداس سنسڪرت ٻوليءَ جو عظيم شاعر ٿي گذريو آھي. جنھن پنھنجي دور جي شاعري ۽ ڊرامن جا ڪيترائي جُلد سنسڪرت ٻوليءَ کي ارپيا آھن. جنھن ۾ شڪونتلا، رُت سمارا، وڪرموروسيا، اُروَسي. ڪمارا سمبوا ۽ رُڳووسا جھڙيون شاھڪار تخليقون شامل آھن. پر عظيم ليکڪ ڪاليداس جي لکڻين مان ميگھ دُوت ۽ ڊرامو “شڪونتلا” تمام گھڻو مشھور ٿيا. جنھن کي عالمي سطع تي پڻ بيحد پذيرائي ملي ھئي. شڪونتلا سڀ کان پھرين ڊارمو جديد يورپين ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. وليم جانس جنھن ڪاليداس کي “ڀارت جو سيڪسپيئر” سڏيو آھي. ميگھ دُوتم ھڪ ننڍڙي ڪتاب گيت مالھا تي مشتمل ڊگھي خوبصورت شاعري جي لَڙِي جيڪا اوائلي وقت جي سنسڪرت جي شاھڪار تخليق آھي. ميگھ دُوت ۾ شاعر ڪاليداس ڪڪر کي، پنھنجي زال کان وڇڙيل يُڪش ( ديوتا جو نالو) جو زال ڏانھن نياپو پھچائڻ وارو قاصد بڻايو آھي. وڇوڙو ڪيتريون ئي يادگيريون تازه ٿو ڪري ٿو، ۽ ڏک جي علامت آھي. شاعريءَ ۾ اھڙي منفرد نموني ۽ نھايت ئي موھيندڙ لفظن سان اظھار ڪيو ويو آھي. جنھن ميگھ دُوت جي تخليق ڪندڙ عظيم سنسڪرت جي شاعر ڪاليداس کي ھميشہ جي لاءِ اَمر ڪري ڇڏيو. جنھن سنسڪرت ادب ۾ ڪاليداس جو قد تمام گھڻو مٿاھين ڪري ڇڏيو. لکڻين جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو تہ جنھن کي وليم جانس ڀارت جو سيڪسپيئر سڏيو آھي، ائين سمجھو ڄڻ تہ اُردو ادب جو مرزا غالب ھو. ميگھ دوتم اصلوڪو ڪتاب سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ڇپيو. پھريون ڀيرو ڪاليداس جي شاعري کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ھوريس ھيمئن ولسن سن 1813ع ۾ ترجمو ڪيائين. تنھن کان پوءِ ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿيندي رھي آھي. جئين، تامل، ميٿلي، ڀُوجپوري، نيپالي، ڪنڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ڀارتي سنڌي ليکڪ کيمن يُو. مولاڻي ترجمو ڪندي پنھنجن تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪيو آھي. پر منھنجو ذاتي رايو اھو آھي تہ شاعري ترجمو ڪرڻ کان پوءِ پنھنجو اُصل روپ مَٽائي ويندي آھي. شاعريءَ جي سُونھن اصل ٻوليءَ ۾ ملندي آھي، ترجمو ڪرڻ کان پوءِ اُھا سونھن جي ڪشش نٿي ملي. پر تنھن ھوندي بہ ترجمي کان پوءِ ڪجھ حد تائين شاعرن جي خيالن ۽ احساسن کي بھتر نموني سان سمجھي سگھجي ٿو. سريلنڪا سان تعلق رکندڙ منھنجي اُستاد پروفيسر ڊاڪٽر سَسينڪا پَريرا صاحب سان انھيءَ ساڳئي موضوع تي ڏکڻ ايشيائي بين الاقوامي يونيورسٽي (سارڪ) نئين دھليءَ واري سندس آفيس ۾ تمام ڊگھي ڪچھري پڻ ٿي چُڪي آھي. ڊاڪٽر سَسينڪا پَريرا صاحب پڻ سنھاليز ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر آھي. سندس چوڻ ھو تہ “ مان نٿو مڃان تہ ڪو شخص ضرف عشق ٿيڻ جي ڪري ئي شاعر ٿئي ٿوس. شاعري ڪرڻ دل ۾ احساسن ۽ جذبن جو ھئڻ ضروري آھي. خاص ڪري ٻين جي تڪليفن ۽ جذبن کي محسوس ڪرڻ جي اندروني سگھ ۽ صلاحيتون ھئڻ گھرجن”. پر ڊاڪٽر سَسينڪا پَريرا منھنجي انھيءَ ڳالھ مان مطئمن ھيو تہ ترجمي کان پوءِ شاعري پنھنجي اصل حيثيت وڃائي ويھندي آھي. ھتي منھنجي چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ ترجمو ٿيل شاعري ۾ اُھا خوبصورتي، لفظن جي تال ميل جو سلسلو ۽ قافيو ۽ رديف جي وزن جو توازن پڻ برقرار نٿو رھي سگھي. جتي شاعري ۾ موجود موسيقي سندس تال جي رَمز بہ بدلجي ويندي آھي. جنھن ٻوليءَ ۾ شاعري اصل ترتيب ڏنل ھوندي آھي تنھن ۾ ئي سڀئي شيون ڳائي محسوس ڪري لطف اندوز ٿي سگھجي ٿو. بھرحال! ھن وقت سنڌي مھينو سانوڻ ھلي رھيو آھي. چوندا آھن تہ جئين سانوڻ جو مھينو شروع ٿيندو آھي تہ انھيءَ مھيني ۾ ديوي ديوتا به رُومانوي ماحول ۾ مَست مگھن ٿي گھمندا وتندا آھن. برسات ۽ سانوڻ جي مھيني جو ميلاپ وارو سلسلو پراچين وقت کان ھلندو پيو اچي. ھاڻي اچو ته ڪاليداس جي شاعري مان ميگھدُوت جي چند چُونڊيل سٽن تي سرسري نظر گُھمايون. اچو تہ سنسڪرت ٻوليءَ جي سيڪسپئير ڪاليداس جي جڳ مشھور شاعري کي ٿورو سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.
(1)
“ ڪام واسنا اُڀاريندڙ
اُن ڪڪر ڏي نھاريندي
وڏي ڏکيائي سان
تري آيل لڙڪ روڪي
اُھو يُڪش
ڪافي دير سوچيندو رھيو.
اڙي! سنگڻيءَ
مان ڍاول انسان جو من به
ڪڪر کي ڏسي
وياڪل ٿي وڃي تو
ته پوءِ
ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجھڻ چاھيندڙ
انھن وڇوڙي مارين
جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي
جيڪي پنھنجي پيارين
کان پري ھجن
(ٰ2)
سانوڻ جي مھينيو
ويجھو اچڻ تي
ھن وڇوڙي ماريل
سجنيءَ جي ساھ کي
سھارو ڏيڻ لاءِ
ان ڪڪر معرفت
پنھنجي چڱ ڀلائي
جو سنھيو موڪلڻ
جو سانباھو ڪيو.
اُن يڪش،
تازن ڪُنچ جي گلن سان
ٻُڪ ڀري ،
پريم سان ڪڪر کي
ارپڻ ڪيو
پوءِ مٺڙا وچن ٻولي،
ان ڪڪر کي
چوڻ لڳو
(3)
ڪٿي
دونھين ، کنوڻ
پاڻي ۽
ھوا مان ٺھيل
تون ڪڪر ،
۽ ڪٿي
سالم حواسن وارن
پراڻين جو
پھچايو ويندڙ
پرين جو پيغام ؟
پر
وڇوڙي
ماريل بيوَس
موھ وَس
ڪڏھن
چيتن ۽ اچيتن ۾
فرق ئي ڪٿي ڪيو آھي!
ڇاڪاڻ ته ڪامي پرشن کي
سَمَڪ ئي
ڪا نه رھندي آھي
سو
اُن يڪش
جڙ ۽ چيتن
جو فرق وساري
ڪڪر کي
وينتي ڪئي” (ڪاليداس)
مٿي ذڪر ڪيل شاعري جا بند سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب “ميگھ دوُت” مان ورتا ويا آھن. ڪتاب جو ترجمو سنڌي ليکڪ کيمن يُو. مولاڻي ڪيو آھي. جنھن کي 2004ع ۾ لڪشمي پبليڪشن ڀوپال مان شايع ڪيو ويو آھي. ھن شاعري ۾ 111 بيت شامل ٿيل آھن. ڪاليداس جي شاعري خوبصورت لفظن جي چُونڊ ٿيل آھي. مترجم ڪتاب ۾ ڪيترائي اکر سنسڪرت جا شامل ڪيا آھن. تنھن جي ڪري شاعري کي سمجھڻ ۾ ٿوري مشڪل درپيش اچي رھي آھي. اصل ڪتاب ۾ ھر ھڪ بند ۾ چار جملا آھن. جنھن ۾ يُڪش ڪڪر کي پنھنجي ڏک ۽ يپار جو پيغام موڪليو آھي. اھا مڪمل شاعري ٻن حصن تي مشتمل آھي. پھرين بند ۾ يُڪش ( ننڍي درجي جو ديوتا) ان بادل ڏانھن ڏسي ڏک وچان سوچيندي رھي ٿو. پوءِ چوي ٿو تہ ڪنھن بہ خوش انسان جو من آسمان ۾ خوبصورت بادل ڏسي ڪمزور ٿي تِرڪِي سگھي ٿو. تہ پوءِ وڇوڙي جي وڍيل ماڻھن جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي؟ جيڪي پنھنجي پيارن کان ڏوُر ٿيندا آھن. اُھي ئي اھڙي ڪيفيت محسوس ڪري سگھندا آھن. يُڪش سانوڻ جو مھينو اچڻ تي پنھنجي چاھيندڙن کي بادل جي ذريعي پيار جو پيغام موڪلي ٿو. يُڪش ان بادل سان مخاطب ٿيندي پيار جا مٺڙا ٻول ٻولي ٿو. ڪاليداس يُڪش جي دل جي سموري ڪيفيت پنھنجي لفظن ۾ ميگھ دوت ۾ بيان ڪري ٿو. اڳتي چوي ٿو تہ ڪٿي دونھين، ھوا ، کنوڻ ۽ پاڻي مان ٺھيل بادل توکي پيار ڪندڙن جي احساسن ۽ جذبن جي ڪھڙي خبر؟ وڇوڙي ڪڏھن لاچار موھ ۾ اچي ڪڏھن جسم ۽ روح ۾ فرق ڪيو آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪامي (نفس پرست) ماڻھن کي اھا سمجھ نہ رھندي آھي. تنھنڪري يُڪش جسم ۽ رُوح جي فرق کي پوري طرح سان وساري بادل کي عرض ڪيو آھي.ڪاليداس جون لکڻيون انگريزي ۾ ترجمون ٿي چڪيون آھن. جيڪي پوري دنيا ۾ وڏي پئماني تي ھڪ نمايان حيثيت رکن ٿيون. سنسڪرت ادب ۾ ميگھدُوت کي ھڪ نمايان حيثيت حاصل آھي. جنھن کي شاعري جو پيغام پڻ سڏيو ويندو آھي.
اربع 5 آگسٽ 2020ع
روزانو ھِلال پاڪستان ڪراچي
Comments
Post a Comment