پٻ جبل
پٻ جبل هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار کي ”پَٻُ جبل“ چئبو آهي. جاگرافيائي ورڇ مطابق، هاڪس بي کان يارهن ميلن جي مفاصلي تي ستن جبلن جي هڪ ڊگھي قطار شروع ٿئي ٿي. جبل جي بيهڪ ڪجهه اهڙي عجيب صورت جي آهي، جو اهو پير جي پَٻَ وانگر ڀاسي ٿو، شايد انڪري ئي هن تي اهو نالو رکيو ويو هجي. هي جبل حقيقت ۾ ڪو ايڏو وڏو يا اوچو جبل نه آهي، ان جون چوٽيون پنج يا ڇهه هزار فوٽ بلنديءَ واريون آهن. البت هن جبل جون تراڙيون، ڏنڊا ۽ گروڪ، ڇپون، شڪيون ۽ گريون، گھَٽَ ۽ گھيڙ، لَڪَ ۽ لَڪيون ڏسڻ وٽان آهن. وڏي ڳالهه جيڪا پَٻَ جبل سان لاڳاپيل رهي آهي، اها آهي ڀٽ ڌڻيءَ جو پنهنجي رسالي ۾ هن جو مختلف نمونن سان احوال، جنهن ڪري هن جبل جو نالو پري پري تائين پڌرو ٿيو ۽ ان جي غير معمولي اهميت ۾ اضافو آيو. پَٻَ جا ڪي حصا آباد ۽ شاداب آهن، جتي جهنگلي ڏُٿَ سان گڏ ميوات جهڙوڪ آمريون، انجير، ڏاڙهون، ڦارهان، ۽ گيدوڙيون وغيره به ٿين ٿيون. سموري جبل ۾ ننڍا وڏا سَتَ لَڪَ آمري، پٻوني، راهيگ، شاهه بلاول، گندبو، لونڊڪي ۽ ويراحب آهن، جن مان عام لنگھه فقط ٽي آهن، جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو: (الف) پٻوڻيءَ وارو لڪ: جيتوڻيڪ بلنديءَ ۾ هيءَ ٽڪري سڀ...