Posts

Showing posts with the label کيرٿر

کيرٿرنيشنل پارڪ

 کيرٿرنيشنل پارڪ  ۽ ان جون پراسرار دنيائون آصف رضا موريو  کيرٿر جو علائقو چوني جي پٿر، واري ۽ ميداني علائقن تي مشتمل آهي جنهن جو 50 فيصد حصو تهه نشين پاٽ دار دڙن تي مشتمل آهي. 30 فيصد علائقو ميداني آهي جنهن جو 1.3 فيصد حصو (تقريبن 650 ڪلو ميٽر) پوک جي قابل آهي ۽ 20 فيصد دريائي ڀاڻ يا سيلابي مٽي ڀريل آهي.  آب وهوا جي لحاظ کان هي پهاڙ گرمين ۾ انتهائي گرم ۽ ٿدين ۾ بي انتها ٿڌا ٿيندا آهن. انهن جي اونچائي مختلف علائقن  ۾ الڳ الڳ آهي ۽ اتي چار اونچايون اهم آهن جنهن ۾ سڀ کان اونچي چوٽي ڪتي جي قبر سطح سمنڊ کان 6878 فٽ بلند آهي. ٻئين چوٽي بارغ، ٽئين گورغ (گورک) ۽ چوٿين سنڌ جي مشهور پهاڙ ڏاڙهياڙو جي چوٽي آهي جيڪا تقريبن 6 هزار فٽ بلند کيرٿر جي اڀرندي شاخ آهي. جڏهن ته کيرٿر سلسلي جو سڀ کان اونچو برج ميانگن آهي. کيرٿر جي اتر ۾ درياڙو جي مشهور سطح مرتفح موجود آهي جنهن جي اونچائي وارو ميدان پوکي چوکي جي قابل آهي. پهريون ميداني حصو ڏاڙهه (ڏاڙهو) آهي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 6 هزار فٽ بلند آهي. ان جي مٽي گاڙهاڻ وتي ۽ قريبن هڪ هزار ايڪڙ زمين قابلِ زراعت آهي. ٻيو حصو ساڍا چار هزار فٽ...