کيرٿرنيشنل پارڪ

 کيرٿرنيشنل پارڪ 

۽ ان جون پراسرار دنيائون

آصف رضا موريو

 کيرٿر جو علائقو چوني جي پٿر، واري ۽ ميداني علائقن تي مشتمل آهي جنهن جو 50 فيصد حصو تهه نشين پاٽ دار دڙن تي مشتمل آهي. 30 فيصد علائقو ميداني آهي جنهن جو 1.3 فيصد حصو (تقريبن 650 ڪلو ميٽر) پوک جي قابل آهي ۽ 20 فيصد دريائي ڀاڻ يا سيلابي مٽي ڀريل آهي.  آب وهوا جي لحاظ کان هي پهاڙ گرمين ۾ انتهائي گرم ۽ ٿدين ۾ بي انتها ٿڌا ٿيندا آهن. انهن جي اونچائي مختلف علائقن  ۾ الڳ الڳ آهي ۽ اتي چار اونچايون اهم آهن جنهن ۾ سڀ کان اونچي چوٽي ڪتي جي قبر سطح سمنڊ کان 6878 فٽ بلند آهي. ٻئين چوٽي بارغ، ٽئين گورغ (گورک) ۽ چوٿين سنڌ جي مشهور پهاڙ ڏاڙهياڙو جي چوٽي آهي جيڪا تقريبن 6 هزار فٽ بلند کيرٿر جي اڀرندي شاخ آهي. جڏهن ته کيرٿر سلسلي جو سڀ کان اونچو برج ميانگن آهي.

کيرٿر جي اتر ۾ درياڙو جي مشهور سطح مرتفح موجود آهي جنهن جي اونچائي وارو ميدان پوکي چوکي جي قابل آهي. پهريون ميداني حصو ڏاڙهه (ڏاڙهو) آهي جيڪو سمنڊ جي سطح کان 6 هزار فٽ بلند آهي. ان جي مٽي گاڙهاڻ وتي ۽ قريبن هڪ هزار ايڪڙ زمين قابلِ زراعت آهي. ٻيو حصو ساڍا چار هزار فٽ بلند دانا برج جو ميداني علائقو آهي. کيرٿر رينج ۾ هزارين پهاڙي درا آهن ان مان اهم مولهه، بولان، ۽ مشڪوٽ آهن جتان برساتي نالا ۽ نديون وهنديون آهن.

کيرٿر جي جوڙجڪ.

 پاڪستان جي 10 قومي پارڪن مان هڪ ۽ سنڌ جو واحد قومي پارڪ کيرٿر انهي پهاڙي سلسلي جي 11 سئو 92 ڪلو ميٽرن(308،733 هيڪٽر) تي پکڙيل آهي. سنڌ صوبي جي ڏکڻ اوڀر ۾ ليٽيٽيوڊ N 25.10 ۽ اين .N 26.05 ۽ لانگيٽيوڊ Fi 27.10 ۽ F 67.55 جي وچ ۾ موجود هي پارڪ کيرٿر پهاڙي سلسلي جي ڏکڻ اوڀر ۽ سنڌوندي جي اولهه ۾ قائم سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي سرحد آهي جيڪا ڪراچي کان سپر هاءِ وي تي 81 ڪلوميٽرن جي مسافري کان پوءِ 72 ڪلو ميٽر ڪچو رستو طئه ڪندي هي پارڪ رستي ۾ پوي ٿو جتي مختلف جانورن کي قدرتي ماحول ۾ محفوظ رکڻ لاءِ پناه گاهون بڻايون ويون آهن.

کيرٿر پارڪ ۾ موجود زندگين سان ڇيڙ خانيون

 قومي پارڪ ان مخصوص ۽ وسيع ايراضي کي چئي سگهجي ٿو جتي جنگلي زندگيون ۽ وڻ ٽڻ ٻوٽا هڪ کان وڌيڪ قدرتي ماحول ۾ پرورش حاصل ڪري سگهن. ان مخصوص ايراضي ۾ جنگلي جانورن جي تحفظ لاءِ انهن جي شڪار تي پابندي عائد ٿئي ٿي. جن جانورن جي نسل گهٽجڻ محسوس ٿيندي آهي ته ان جي ڪجهه جوڙن کي اهڙن پارڪن ۾ نسل وڌائڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ويندو آهي. اهڙن پارڪن ۾ انساني مداخلت گهڻو تڻو ممنوع قرار ڏنل هوندي آهي ته جيئن قدرتي ۽ فطرتي ماحول ۾ ڪا اهڙي تبديلي موجود نه هجي جيڪا جانورن ۽ پکين لاءِ نقصان جو باعث ثابت ٿئي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته حياتيات، نباتات ۽ ارضياتي ماحول ۾ علمي ۽ سائنسي دلچسپي جو فطري سامان برقرار رهي. ان سان گڏ سياحن کي تفريحي، تحقيقي ۽ تعليمي مقصدن لاءِ اتي اچڻ جي اجازت هوندي آهي.

 پاڪستان ۾ جنگلي حيات کي فطري ماحول ۾ محفوظ رکڻ، انهن جي پرورش ۽ حفاظت لاءِ پاڪستان ۾ قومي پارڪن کي شروعات ۽ قانون سازي 1972ع ۾ ٿي هئي. هن وقت پاڪستان ۾ 10 قومي پارڪ آهن. 1-کيرٿر قومي پارڪ، 2-چترال گومل قومي پارڪ. 3- هزاره گنجي قومي پارڪ. 4- مرگلا قومي پارڪ. 5- درون قومي پارڪ. 6-ايوبيا قومي پارڪ. 7- هنگول قومي پارڪ. 8- خنجراب قومي پارڪ. 9- چن جي قومي پارڪ. 10- لال سونهارا قومي پارڪ-  

اهي سڀئي پارڪ 954 هيڪٽر ايراضي تي پکڙيل آهن جڏهن ته کيرٿر نيشنل پارڪ جي مخصوص ايراضي 1192 مربع ميل آهي. هي پاڪستان جو واحد پارڪ آهي جيڪو اقوام متحده جي 1975ع ۾ بين الاقوامي ورثن جي فهرست ۾ شامل آهي. جنگلي زندگي کاتي 1974ع ۾ هن کي قومي پارڪ جو درجو ڏنو جيڪو آئي يو سي اين جي قومي پارڪن جي معيار تي جنگلي زندگين لاءِ مخصوص علائقن جي ٻين ڪيٽيگري جي حيثيت تي پورو لهي ٿو.

 انسان، وڻ، پوٽا ۽ پکي هن ڌرتي جا  قديم ترين باشندا آهن جيڪي صدين کان هڪ ٻئي جا ساٿي ۽ همنوا رهندا اچن ٿا جن کي قدرت طرفان زندگي جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ الڳ الڳ فرض سونپيل آهن جيڪي فطرت جي اصولن تحت ئي احسن طريقي سان نڀائي سگهجن ٿا.  انهن اصولن تي عمل پيرا ٿيندي هي جنگلي زندگيون ۽ بذاتِ خود ٻيلا اڄ تائين انساني خوشحالي، پرورش، معاشي ۽ تهذيبي ترقي لاءِ بنيادي حيثيت بڻجندا آيا آهن. جيڪڏهن هي وڻ، ٻوٽا، گاهه، ڇٻر ۽ ان جي وچ ۾ پرورش حاصل ڪندڙ حيواني زندگيون نه هجن ته انساني بقا جو سلسلو ڪڏهن جو ٽٽي تباهي جو شڪار ٿي ختم ٿي چڪو هجي ها.  هن زمين تي سڀ کان وڏي مخلوق هي وڻ آهن جيڪي جيڪڏهن فطري اصولن جي خلاف ورزي ڪندي اسان جي ڌرتي کي آڪسيجن، خوبصورتي، خوشبو، پاڇو ۽ مڌرتا نه ڏين ته اڄ حضرت انسان جو ٽڪاڻو الائي جي ڪٿي هجي ها.

 انهن بي زبان جانورن ۽ پکين يا نباتاتي عنصرن جي مومن روين جي ابتڙ انسان فطري اصولن جي خلاف ورزي ڪندي قدرت طرفان کان ڏنل خوبصورت ماحول کي گندو ڪرڻ کان علاوه چرند و پرند سان گڏ نباتاتي زندگي جو جيئڻ به محال ڪري وڌو آهي. هن فطرت جي قانونن ۽ قدرت جي سنهري اصولن کي برباد ڪرڻ واري گندي قوتن، ڪثافتن ۽ آلودي رجحانن سان گڏ پنهنجون مڪروهه دنيائون آباد ڪري رکيون آهن. هو فطرت جي ارتقائي نظامن جو احترام اهڙي سٺي طرح نٿو ڪري جهڙي ريت حيوانات ونباتات ڪندا آيا آهن.  ان لاءِ انسانن جا پيدا ڪيل قانون فطرت جي اصولن جي خلاف زمين ۽ ڪائنات ۾ اهڙيون تبديليون آڻيندا رهندا آهن جيڪي زندگي جي بقا سان گڏ مادي ۽ غير مادي شين، نامياتي ۽غيرنامياتي مرڪبن لاءِ خطرو وڌائن ٿا. انسان پنهنجي ارتقائي دور کان انهن وڻن ٻوٽن کي گهر تيار ڪرڻ، باهه ٻارڻ، ٻيڙيون ٺاهڻ لاءِ ڪپيندو رهندو هيو ۽ پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ شڪار ڪندو رهندو هيو.

 فطرت جو اصول آهي ته ضرورت تحت شڪار ڪرڻ سان شڪار ڪونه گهٽجندو آهي نه ئي ضرورتِ استعمال سان وڻن جو پاڇو يا ڇٻر جي چادر گهٽ ٿيندي آهي پر انساني آبادي سان گڏ هي سلسلو انهن جي خود غرضين، سفاڪين ۽ جهالتن سبب ضرورتن ۽ مجبورين کان وڌي تفريحي مقصد جون سرحدون اورانگهيندي جڏهن ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو ته شڪار به گهٽ ٿيندو ويو ته پکي پکڻن جون نسلون به ختم ٿينديون رهيون، ڇٻراٽي پنهنجا پر ويڙهڻ شروع ڪيا ۽ وڻن جو پاڇو به گهٽجندو ويو. 19 صدي عيسوي تائين دنيا جي 25 فيصد ايراضي تي جهنگل هوندا هيا پر اڄ اها ايراضي گهٽجي گهٽجي چار فيصد رهجي وئي آهي يعني 1.7 ملين هيڪٽر کان به گهٽ.

 کيرٿر پارڪ ۾ موجود جنگلي زندگين ۽ وڻن ٽڻن سان گڏ انساني آبادي جي ڇيڙ خاني جو سلسلو گهڻو قديم آهي. فطري طور تي به جتي انساني، حيواني ۽ نباتاتي آباديون هڪ ئي علائقي ۾ رهنديون هجن اتي سندن مفادن جي ٽڪراؤ جو امڪان لازمي ٿي پوندو آهي. خاص طور تي کيرٿر جهڙي غير ترقي يافتا علائقي ۾ جتان جا باشندا گهڻو ڪري علائقي جي قدرتي ۽ معدني وسيلن تي انحصار رکندا هجن اتي جنگلي ۽ انساني زندگي جي ٽڪرجڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ننڍي کان ننڍي گيم ريزروائر جي ويجهو هزارين ماڻهن جي آبادي هوندي آهي.

 کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ جهنگلن جي حالت به نهايت خراب آهي هڪ ته علائقي ۾ گيس نه هئڻ سبب ماڻهو جهنگلن کي انتهائي بي رحمي سان ڪٽي رهيا آهن ٻيو ته جنگل ۾ صفائي جو ڪوبه انتظام ڪونه آهي. ان لاءِ وسيع ايراضي تي وڻن جا ڪِريل پن ماحول تي برا اثر ڇڏيندي آلودگي کي وڌائيندا رهن ٿا.  سج جي روشني پوڻ تي اهي پن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻيون نقصاندهه گيسون خارج ڪندا رهن ٿا. ان لاءِ بهتر آهي ته وڻن ۽ پوٽن جي ڪپائي روڪڻ کان علاوه انهن جي وڌڻ ويجهڻ جي نظام کي بهتر ۽ موثر بڻايو وڃي ڇو ته کيرٿر جهڙي پارڪ جي قدرتي ماحول کي فطري بنيادن تي برقرار رکڻ ۾ هي وڻ ۽ ٻوٽا  گهڻا مددگار هوندا آهن. ان سان گڏ هي جانورن جي لاءِ پناهه گاهه، رهائش، چارو، ميوو ۽ ڇانو وغيره مهيا ڪندا آهن.

 نباتات جي ماهرن جو اندازو آهي ته هن پارڪ واري علائقي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ قسم جون نباتات موجود آهن.  سال 2000 دوران ميلبورن يونيورسٽي طرفان ڪرايل هڪ سروي دوران پارڪ ۾ پوٽن جون ڪجهه اهڙيون نسلون به سامهون آيون جيڪي نه صرف هن خطي بلڪه علمِ نباتات جي لاءِ به نيون هيون. انهن منجهان ننڍين پهاڙن تي ڦٽڻ وارو گاهه به Lepidagathis هڪ آهي. ان کان علاوه pycnocycla ۽ compylanthus به سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ٻوٽن جون نيون نسل آهن. ٻوٽن جون کوڙ نسلون اهڙيون به هتي رڪارڊ ڪيون ويون آهن جيڪي ان کان پهريان سنڌ ۾ ۾ موجود ڪونه هيون مثال طور Cenyons,Celtis, Australis, Pistacia, Chinesis  وغيره-  نباتات جي ماهرن جو خيال آهي ته هي علائقو قدرتي طور تي نباتاتي نسلن جي افزائش لاءِ هڪ خاص نرسري جي حيثيت رکي ٿو.

 پارڪ جي حدن اندر رهندڙ انساني آبادي جي هڪ وڏي حصي جو گذر سفر مويشي باني تي آهي. هتي پالتو جانورن ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جي آبادي تمام گهڻي آهي جيڪي موسم سان گڏ انساني آبادين وانگر گهٽجندي وڌندي رهندي آهي. ان کان علاوه پندرهن سؤ ٻيا پالتو جانور ۽ پنج هزار ٻيون نسلون رڪارڊ ڪيون ويون هيون. گڏهه ۽ اَٺ به هتان جا اهم جانور آهن.

 ان کان علاوه پارڪ ۾ رهندڙ جنگلي جانورن جي ٽن اهم نسلن جي آبادي نومبر 2000 ۾ ڪجهه هن ريت هئي. هتي سڀ کان وڌيڪ آبادي پهاڙي ٻڪري Sindh Ibex جي آهي يعني تقريبن 15000 جيڪا گهڻوڪري کيمڀر رينج ۾ رهندي آهي. انهن جي ٿورڙي تعداد ڊمبر بلاڪ ۾ ۽ نهايت قليل تعداد مختلف علائقن ۾ وکريل آهي. ان جانور متعلق  ڪوهستان جي ماڻهن جو يقين آهي ته هي الله تعاليٰ طرفان موڪليل فرشتا آهن ڇو ته ان جي خيال ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين بغير کائڻ پيئڻ جي زنده رهڻ ۽ ڀتين وانگر اڀي پهاڙن تي چڙهي وڃڻ هڪ معجزو آهي جيڪو صرف خدا تعالي جا پيغمبر يا فرشتا ئي ڪري سگهن ٿا.  هن پارڪ ۾ ٻي سڀ کان وڏي آبادي جنگلي رڍ (Urial)  جي آهي جيڪي اتي 12000 کان به وڌيڪ رهن ٿيون-  هي جانور گهڻو ڪري پهاڙن جي اندر، کر رينج ۽ ڊمبر بلاڪ ۾ رهي ٿو.  هن پارڪ جي ٽين وڏي آبادي آهي هڪ خوبصورت هرڻ چڻڪارا جي آهي جيڪي هتي تقريبن 10000 جي ويجهو موجود مڃيا وڃن ٿا.

انهن ٽنهي جانورن جي پنهنجي ٻين پاڙيسري نسلن سان گڏ مقامي يا غير مقامي شڪارين کان ۽ سرڪاري يا خانگي طور تي ڪوبه تحفظ نه هئڻ سبب انهن جي آبادي سال به سال گهٽجندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندن نسل ڪشي اهڙي ريت ٿيندي رهي ته اهي به سيڙهه، ڏاڙهي واري ڳجهه (مردي خور)، گڏهه، ڪاري رڇ، چڪور ۽ ننڍي چيتي وانگر هتي ناپيد ٿيندا ويندا جيڪي ڪنهن دور ۾ هتي وڏي تعداد ۾ رهندا هيا. کيرٿر نيشنل پارڪ جا باشندا پکي گهڻو ڪري فصلن واري زمينن يا وارياسي ميدانن ۾ رهندا آهن جڏهن ته ان جي هڪ ٿورڙي آبادي آبي علائقن ۾ به رهي ٿي.

 پارڪ ۾ وڌندڙ انساني آبادي، زمين جي حد کان وڌيڪ زرعي استعمال، زمين جي صفائي يا جهنگل جي ڪٽائي (زراعت ۽ رهائش جي لاءِ) وغيره پارڪ ۾ رهندڙ پکين تي ناقابل يقين برا اثر ڇڏيا آهن. IUCN جي پکين متعلق بين الاقوامي طور تي ختم ٿيندڙ نسلن متعلق جاري ڪيل “ريڊ لسٽ” تي هن پارڪ ۾ رهندڙ پکين جون 25 نسلون پڻ شامل آهن جڏهن ته پاڪستان اندر اهڙين گهٽجندڙ نسلن ۾ 277 ڪرنگهي جي هڏي واري جانورن جون قسمون، 36 کير ڏيندڙ جانور، 34 گسڪي هلڻ وارا جانور، 203 پکين جون قسمون ۽ ٽي پاڻي ۾ پرورش پائڻ واريون نسلون به ريڊ لسٽ ۾ شامل آهن.

Comments

Popular posts from this blog

چیخوف افسانہ

عشق کے چالیس اصول

DAFFODILS....اردو منظوم ترجمہ