رني ڪوٽ جو قلعو
رني ڪوٽ جو قلعو
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
رني ڪوٽ جو هنڌ؛
دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ ضلعي ڄامشوري ۾ سائين جي ايم سيد جي شهر سن کان تقريبن 30 ڪلوميٽر اولهه طرف واقع آهي.
تاريخ؛
رني ڪوٽ جي تاريخ لاء محققن جون مختلف ڳالهيون ۽ تحقيقات آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هي قلعو عرب حڪمران عمران بن موسه برمڪي تعمير ڪرايو (جيڪو ان وقت سنڌ جو حڪمران هو. ۽ اهو دور 836ع جو آهي.)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رني ڪوٽ لاء هي راء آهي ته؛ رني ڪوٽ جي متعلق ٽالپرن جي نواب فيملي وٽ هڪ روايت آهي ته جنهن مان قلعي جي باري ۾ صحيح ۽ صاف اشارا ملن ٿا ته ٽالپرن جي وزير سلطنت نواب ولي محمد خان لغاري نئين رني وٽ قلعي کي ٺهرائڻ جون رٿون تيار ڪيون، ۽ سندس ئي نگراني ۾ قلعي جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. (حوالو ڪتاب فقير نواب ولي محمد لغاري سماهي مهراڻ سال 1967ع)
مسٽر اي ڊبليو هيوز پنهنجي مشهور ڪتاب سنڌ گزيٽيئر 1856ع ۾ پنهنجو رايو ڏيندي اهو خيال ظاهر ڪيو آهي ته؛ هي قلعو رني ڪوٽ ميرن ٽالپرن تعمير ڪرايو هو. هي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته؛ هي قلعو رني ڪوٽ ميرن ان لاء ٺهرايو ته جيئن ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ اسان پنهنجو قيمتي سامان دشمن جي نظر کان محفوظ رکي سگهون. ۽ پنهنجو پاڻ کي به محفوظ ڪري سگهون. (رسالو مهراڻ 1967ع)
سنڌ جي ٻئي محقق بدر ابڙي صاحب جو چوڻ آهي ته؛ هي قلعو هڪ ٽائيم ۾ نه پر مختلف وقتن ۾ تعمير ٿيندو رهيو آهي. ۽ ڪنهن هڪ ماڻهون ناهي ٺهرايو پر مختلف وقتن ۾ مختلف ماڻهن پئي تعمير ۾ حصو ورتو آهي.
ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته هي قلعو عربن جي ڪوشش سان تعمير ٿيو. مطلب ته رني ڪوٽ لاء ڪابه مڪمل معلومات ميسر ٿي ناهي سگهي.
رني ڪوٽ جو بنياد؛
رني ڪوٽ جو بنياد وڏن پٿرن سان رکيو ويو آهي، ۽ اهي پٿر رني ڪوٽ جي آس پاس جي ايريا مان کنيل آهن. پر ان دور ۾ اهي ايڏا وڏا پٿر ڪئين کنيا ويا هوندا ان لاء ڪا پڪي شاهدي يا ڪو پڪو ثبوت ناهي ملي سگهيو، ۽ رني ڪوٽ ۾ استعمال پٿر به مختلف قسم جو آهي، پر اهو پٿر به هتان ئي کنيو ويو آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته هن قلعي جو ڪم تقريبن 3000 کان 4000 مزدورن ڪيو هوندو. ۽ هن جي تعمير ۾ ڪيترائي سال لڳا هوندا.
قلعي جو مک مقصد؛
قلعي جو مک مقصد رياست جو دفاع، سو ان لاء ڏٺو ويو آهي ته هي قلعو ملڪي دفاع لاء بهترين قلعو ۽ پناه گاه آهي. هن قلعي جي مدد سان ملڪ دشمن سان خوب مقابلو ڪري سگهجي پيو ۽ هر قسم جو ملڪي دفاع ڪري سگهجي پيو. هي قلعو صرف رياست جي دفاع لاء تعمير ڪيو ويو، هن ايريا ۾ ۽ هن قلعي جي آس پاس ڪٿي به شهر جا آثار نه ٿا ملن. هتان صرف دشمن جو مقابلو ڪيو ويندو هو.
رني ڪوٽ اسان جي سنڌ جي تاريخ جي عظمت جي پڻ نشاني آهي.
رني ڪوٽ وٽ هڪ چشمو پڻ موجود آهي جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي. رني ڪوٽ وٽان هڪ نئين پڻ وهندي آهي جنهن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. مثلن ـ نئين موهن، نئين سن، نئين رني ڪوٽ.
رني ڪوٽ ۾ اهي جڳهون مخصوص آهن جتي ان دور ۾ توبون رکي ۽ دشمن کي نشانو بنايو ويندو هو ۽ دشمن کي قلعي کان پري رکيو ويندو هو. رني ڪوٽ ۾ مورچه پڻ وڏي حڪمت سان ٺاهيا ويا آهن، هن قلعي ۾ هڪ جڳهه کان ويهي پوري قلعي اندر فوج جي چرپر ۽ حرڪت کي صحيح نموني سان ڏسي ۽ جاچي سگهجي ٿو.
معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو: #انٽرنيٽ .
Comments
Post a Comment