فوزيه سومرو.

 فوزيه سومرو.

 ورسي 4 سيپٽمبر

 ٿر جي مشهور عوامي فنڪاره فوزيه سومرو جو اصل نالو حڪيمان هو. هن ويراواهه لڳ تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر ۾، 1969ع ۾ ناٿـي خـان جـي گهـر ۾ جنم ورتو. سندس والد ٽنڊي محمد خان جي شگر مل ۾ ملازم هو ۽ اتي حمد ۽ نعتون ڳائيندو هو. اڳتي هلي، لڏي پلاڻي ٽنڊي محمد خان ۾ اچي ويٺو، جتي فوزيه سومرو مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سورهن سترهن ورهين جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. سندس تعلق بنيادي طرح مذهبي گهراڻي سان هو، جنهنڪري کيس فن جي دنيا ۾ اچڻ وقت ڪافي ڏکيائيون پيش آيون، پر پنهنجي شوق جي تڪميل خاطر مائٽن کان چوريءَ ننڍن ننڍن فنڪشنن ۽ پروگرامن ۾ ڳائيندي رهندي هئي. 1987ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا کيس متعارف ڪرايو ۽ سندس آواز ۾ ٻه ڪلام ’بي قدرا قدر نه ڪيئي ڪو‘ ۽ ’ڇڏي ويا ساٿي سکن جا‘ رڪارڊ ڪيا، جن ٻڌندڙن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي.

فوزيه سومرو راڳ جي باقاعدي سکيا استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليريءَ کان ورتي. سندس آواز ۾ ڪافي درد هو.

فوزيه سومرو سنڌي عورت فنڪارائن ۾ واحد فنڪاره هئي، جنهن کي وڌ ۾ وڌ ٻُڌو ۽ پسند ڪيو ويو آهي. سندس ڪلامن سنڌ جي جهرجهنگ وڏي مقبوليت ماڻي. فوزيه سومرو جون 110 ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. هوءَ ڪئسيٽ ڪمپنين کان ڪافي ڳرو معاوضو وٺندي هئي. هن گهڻو تڻو عشقيه ڪلام ڳايو آهي. ان کانسواءِ هر سال محرم مهيني ۾ سندس آواز ۾سنڌي نوحن جون ڪئسٽون رليز ٿينديون هيون. فوزيه سومرو ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب ، ڀارت، دبئي ، شارجه ۽ قطر سميت ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن سنڌي، سرائڪي، اردو، بلوچي، مارواڙي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڳايو. هن شاهه لطيف، سچل سر مست ، شيخ اياز، بلال اوٺي، علي محمد اڏيرائي، سائينداد ساند ۽ ٻين شاعرن جا ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. سندس مشهور گيتن ۾ ’ڪنهين هٿ هِلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا‘، ’ڪو ته اهڙو هجي‘، ’ڪڏهن نينهن وارا ننڊون ڪونه ڪن ٿا‘، ’الي منهنجا ماروئڙا‘، ’جهڙي پياري سنڌ، تهڙا سنڌي ماڻهو‘، ’ڪارونجهر تي آ، آءٌ اڪيلي آهيان‘، ’ڏورو‘، ’جيئري مون ڏي ڪونه آئين ‘ شامل آهن.

سندس شادي 1993ع ۾ ٽنڊي محمد خان جي زميندار حاجي مصري سٺيي سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي. سندس 110 ڪئسيٽون رليز ٿيون. کيس شاهه لطيف ايوارڊ ۽ شهباز اوارڊ سميت لاتعداد اوارڊ مليا آهن. ٿر پروڊڪشن رڪارڊنگ ڪمپنيءَ 2002ع ۾، ميرپورخاص ۾ سندس مڃتا طور تاج پوشي ڪرائي وئي. 2002ع ۾ بيمار رهڻ کانپوءِ هن پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي به شاهه لطيف جي عرس تي ڪلام ڳائي، پنهنجي مداحن کي مايوس نه ڪيو.

 فوزيه سومرو گڙدن جي تڪليف گهڻي وقت کان رهي ۽ 2002 ۾ بيمار رهڻ باوجود هن پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي به شاهه لطيف جي عرس تي ڪلام ڳائي پنهنجي مداحن کي مايوس ڪونه ڪيو. هوء 4 سيپٽمبر 2002 تي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻيء حوالي ڪري هن فاني دنيا کي ڇڏي وئي کيس ٽنڊي محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، پر سندس آواز اڄ به سندس موجودگيء جو احساس ڏياريندو رهي ٿو.

                  

                              مدد؛ سنڌيانا، سنڌي وڪيپيڊيا، لوڪ ادب.

Comments

Popular posts from this blog

چیخوف افسانہ

عشق کے چالیس اصول

DAFFODILS....اردو منظوم ترجمہ