رسول حمزه توف سان يادگار ملاقات
رسول حمزه توف سان يادگار ملاقات
داغستان روس جي عظيم شاعر رسول حمزه توف جو تعارف ته سندس جڳ مشھور ڪتاب منھنجو داغستان وسيلي ٿي چڪو ھو پر اھا خوشنصيبي ھئي جو ساڻس اسلام آباد ۾ انٽر نيشنل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي 29 نومبر 1995 تي روبرو ملاقات ٿي ۽ اشارن ۾ ڪچھريون ٿيون جو کيس پنھنجي مادري ٻولي آوار کانسواء ڪابه ٻولي ڪانه ٿي آئي۔پنجاھ شعري مجموعن جي تخليقڪار رسول حمزه توف جو مشھور نظم سندس آوار ٻولئ ۾ رڪارڊ ڪيو ،جنھن جو سنڌي ترجمو ھتي رکان ٿو ۔رسول حمزو 1923 ۾ ڄائو ۽ جنوري 2004 ۾ وفات ڪري ويو۔
اي عورت جيڪڏھن ھڪ ھزار مرد
تنھنجي محبت ۾ گرفتار ھجن
ته تون يقين ڪر ته
رسول حمزه توف انھن ۾ شامل ھوندو
اي عورت جيڪڏھن ھڪ سوء مرد
تنھنجي پيار ۾ پاڳل ھجن ته
انھن مان رسول حمزه توف به ھڪ ھوندو
اي عورت جيڪڏھن فقط ڏھ مرد
تو تي عاشق ھجن
ته اھو ممڪن ئي ناھي ته
انھن ۾ رسول حمزه توف نه ھجي
اي عورت جيڪڏھن توسان پيار ڪرڻ وارو
رڳو ھڪڙوئي ماڻھو وڃي بچي ته
اھو رسول حمزه توف کانسواء ٻيو ٿي نٿو سگھي
اي عورت جيڪڏھن توسان محبت ڪرڻ وارو
ھن ڌرتئ تي ڪوبه نه بچي
۽ تون اڪيلي ٿي وڃين
ته پڪ ڄاڻجان ته تنھنجو رسول حمزه توف
انھن اوچن پھاڙن پٺيان مري چڪو آھي۔
Comments
Post a Comment