رومانوي ۽ انقلابي شاعر پئبلو نئرودا
رومانوي ۽ انقلابي شاعر پئبلو نئرودا
منيش جئپال
"اھا اسان جي ذميواري آھي ته اسين انھن خوابن کي جاڳائي ساڀيان ڏيون جيڪي دنيا جي قديم تھذيبن جي آثارن ۽ پٿرن ۾ دفن ٿيل آھن اھي خواب جيڪي مٽي اندر يا گھاٽي جھنگ ۾ ٻوساٽيل آھن"
ھي اھي لفظ آھن جيڪي چلي جي عظيم شاعر پئبلو نرودا نوبل ايوارڊ ماڻڻ وقت پنھنجي تقرير ۾ اچاريا ھئا اھو پئبلو نرودا جنھن لکيو ھو تہ "اوھان سمورن گلن جا سر ڪٽي سگهو ٿا، پر بهار جي مند کي اچڻ کان روڪي نٿا سگهو." اھو پئبلو نرودا جنھن لئہ نوبل انعام جو اعزاز رکندڙ گارشيا مارڪيز لکيو ھو ته “20 هين صدي جي ڪنهن به ٻولي جو عظيم شاعر آهي". اھو پئبلو نرودا جنھن جي شاعري ۾ پئبلو پڪاسو جي تصويرن جيان ڌرتي جي سڳنڌ ۽ ڪائنات جا رنگ سمايل آھن اھو پئبلو نئرودا جنھن پنهنجي زندگي ۽ شاعري چليءَ جي ماڻهن کي ارپي ڇڏي. چلي جي ان عظيم شاعر جو جسماني وڇوڙو 1973 ۾ ٿيو پر سندس شاعري اڄ بہ نوجوان توڙي ھر فرد جي دلين تي راج ڪري ٿي پئبلو نيروُدا جيڪو 12 جولاءِ 1904ع تي ڏکڻ چليءَ ۾ ڄائو (چلي، لاطيني آمريڪا جو اهو بدنصيب ملڪ جيڪو هميشه آمريڪا جي، سي- آءِ- اي جي سازشن جو شڪار رهيو آهي) سندس پيءُ ريلوي ۾ ملازم ۽ ماءُ ماسترياڻي ھئي جيڪو پئبلو جي جمڻ کان پوء گذاري وئي ۽ ھُن جي پيءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي پئبلو جي پيءُ جي خواھش ھئي تہ سندس پٽ پڙھي لکي سٺو استاد بنجي پر پئبلو جي دماغ تي شاعري جو جنون سوار ھو رڳن ۾ خون بدران محبت ۽ انقلاب جي جذبا پئي ڍوڙيا ايتري قدر جو ھن چيڪ شاعر جان نئرودا کان متاثر ٿي پنھنجو نالو ئي پابلو نئرودا رکي ڇڏيو ننڍپڻ کان فطري نظارن جي ويجھو رھڻ ڪري پئبلو کي فطرت سان گھڻي حد تائين محبت ھئي ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ "مون پھريون ڀيرون پنھنجيون اکيون زندگي، زمين، شاعري ۽ برسات لئہ کوليون آھن." سندس پهريون نظم 15 ورهين جي ڄمار ۾ ڇپيو. ان بعد سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا جن مان سندس شاعريءَ جو مجموعو “Twenty love poems and song of despair” تمام گهڻو مقبول ٿيو. اهو مجموعو 1924ع ۾ شايع ٿيو جنھن ۾ هن وڇوڙي جي صدمن، محبوب جي بيرخين، چمين کان وٺي جنسي رومانس جي فطري جذبن جو سرعام بي پرواھ ٿي اظھار ڪيو آھي ان ڪتاب جون چوويهه لک ڪاپيون وڪاڻيون ھڪ نظم ۾ محبوب جي ڏنل چمين، پاتل ڀاڪرن ۽ ساڻس ٿيل ملاقتن جي اھڙي تہ منظر نگاري ڪئي آھي جو پڙھڻ وارو دنگ رھجيو وڃي:
اڄ رات، سڄي رات آئون سڀ کان اداس نظم لکي سگهان ٿو.
لکي سگهان ٿو، مثال طور ”رات آ تارن ڀري
نيرا تارا ڏور فاصلن تي ٿڙڪي رهيا آهن.“
اڀ ۾ رات جي هوا ٿي پائي ڦيرا ۽ ڳائي ٿي.
اڄ رات، سڄي رات، آئون سڀ کان اداس نظم لکي سگهان ٿو
ته مون هن سان پيار ڪيو هو
۽ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ به مون سان پيار ڪندي هئي.
ههڙين راتين ۾ آئون کيس ٻانُهن ۾ ڀريندو هوس
۽ ڪئين ڀيرا آسمان جي بي انت وسعتن هيٺ هن کي چمندو هوس.
هوءَ مون سان پيار ڪندي هئي
۽ ڪڏهن ڪڏهن آئون به هن سان پيار ڪندو هوس
ڪيئن نه سندس وڏين ۽ خاموش اکين سان پيار ڪري ٿي سگهيس
اڄ رات، سڄي رات آئون سڀ کان اداس نظم لکي سگهان ٿو.
اهو سوچي سگهان ٿو ته هوءَ منهنجي ناهي
اهو محسوس ڪري سگهان ٿو ته مون هن کي وڃائي ڇڏيو آهي
آئون ٻڌي سگهان ٿو هن گھري رات کي،
جيڪا هن پڄاڻا وڌيڪ گھري ٿي ويئي آهي.
۽ نظم ايئن روح مٿان ڪري ٿو، جيئن گاهه مٿان ماڪ ڪرندي آهي.
ڇا ٿي پيو جي محبت هن کي سنڀالي نه سگهي
رات آهي تارن ڀري اڄ، هوءَ به آ مون کان پري.
اها ئي آهي سڀ ڪهاڻي
ڏور گهڻو ڏور ڪو ڳائي ٿو.
هن کان سواءِ ڏور گهڻو ڏور منهنجو روح ڀٽڪيل آهي
ائين لڳي ٿو ته هن کي ويجهي آڻڻ لاءِ منهنجيون اکيون هن کي ڳولين ٿيون.
هيءَ ساڳي رات ساڳين ئي وڻن جي گواهه آهي.
اسين ”جو ڪجهه هئاسين“ اهي ساڳيا نه رهيا آهيون
سچ اهو آهي ته هاڻي آئون هن سان پيار نٿو ڪريان
پر هن سان ڪيڏو اٿاهه پيار ڪندو هوس
منهنجي آواز کي ان هوا جي ڳولا آهي، جيڪا هن جا ڪَن ڇهي سگهي.
ڪنهن ٻئي جي، هوءَ ڪنهن ٻئي جي ٿي ويندي،
جيئن ڪڏهن هوءَ منهنجين چمين جي هوندي هئي.
هن جو آواز، هن جو هلڪڙو جسم، هن جو گهريون اکيون.
اهو سچ آهي ته آئون هن کي پيار نٿو ڪريان،
پر شايد هن کي پيار ڪريان ٿو.
محبت ڪيڏي ته ننڍڙي ٿيندي آهي
ان جي بيپرواهي ڪيڏي نه ڊگهي ٿيندي آهي.
ڇاڪاڻ ته ههڙين راتين ۾ آئون کيس ٻانهُن ۾ ڀريندو هوس
تنهنڪري هن کان سواءِ آئون وڃايل آهيان
توڻي جو ٿي سگهي ٿو ته هيءُ پڇاڙڪو درد هجي، جيڪو مون کي هوءَ ارپي رهي آهي
۽ ٿي سگهي ٿو ته هيءُ پڇاڙڪو نظم هجي، جيڪو آئون هن لاءِ لکي رهيو آهيان!!!!
ھن نہ صرف پنھنجي فن کي رومانس تائين محدود رکيو پر سياسي، انقلابي ۽ مزاحمتي جھڙن موضوعن تي پڻ خوب لکيو آھي. پئبلو جو سياسي سفر "يونيورسٽي آف چلي" سنتياگو مان شروع ٿيو جڏھن ڪيميڪل فيڪٽرين جي مزدورن جا پگھار بند ڪيا ويا ۽ ان عمل جي مزاحمت ڪندي مزدور طبقو سراپا احتجاج بڻجي بيھي رھيو رياست جي ھن جبر جي ڪري پورھيت ويچارا وڏي مشڪل سان وقت گذاري رھيا ھئا انھن جي جدوجھد ۽ رياست خلاف مظاھرن چلي جي سياسي وايومنڊل تي گھرو اثر ڇڏيو اھڙو ﺣڪﻮﻣﺘﻲ ﻇﻠﻢ ڏسي ئي پئبلو نئرودا سياسي ۽ انقلابي شاعري لکڻ شروع ڪئي ھئي لکڻ وقت ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﺎﺋﻲ ﺭﻧﮓ ﻭﺍﺭﻱ ﻣَﺲ استعمال ڪندو ﻫﻮ ۽ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻮ ﺍﻣﻴﺪ ﺟﻮ ﺭﻧﮓ آھي. پئبلو پنھنجي ڪتاب The Book Of Questions ۾ سوالن جي صورت ۾ جيڪي حسناڪ نظم لکيا آھن سچ تہ اھي ڪمال جا آھن:
ٻڌاء ڀلا ڇا گل اگهاڙو آ,
يا اوگهڙ ئي آهي سندس لباس؟
فقط بسنت رُت جو بوسو
ماري نٿو سگهي ڇا ماڻهوء کي؟
ڇا برسات ۾ اڪيلي بيٺل ٽرين کانسوا
ڪا ٻي شي وڌيڪ اداس ٿي سگهي ٿي؟
عذاب هيٺ آيل شهرن تي
برسات ڪهڙي ٻولي ۾ وسندي آهي؟
1971ع جي سياري جي مند ۾ پئبلو نرودا جو انٽرويو وٺندي صحافي سوال ڪيو تہ جيڪڏھن ٽيبل تي، هڪ پاسي، نوبل پرائز ۽ ٻي پاسي چليءَ جي صدارت رکي وڃي تہ توهان ڇا کي کڻڻ پسند ڪندا؟"
پئبلو چيو تہ اهو ته سوال ئي اجايو آهي صحافي سندس زور ڀري سوال وري ورجايو
پئبلو چيو تہ پوءِ آئون انهيءَ ٽيبل اڳيان اُٿي ٻيءَ ٽيبل اڳيان وڃي ويهان صحافي ٻيو سوال ڪندي پڇيو تہ اگر اوهان جي گهر کي باهه لڳي پوي
ته ڇا اوهان ٻين سڀني شين کان اڳ پنهنجي لکڻين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا؟ پئبلو چيو نه، پنهنجين لکڻين کي بچائي ڇا ڪندس، انهيءَ وقت منهنجي گهر ۾ ڪا ڇوڪري هجي ته ڪر سڀني کان پهرين انهيءَ کي بچايان، ٻئي نمبر تي گهر ۾ پيل جاسوسي ناول بچايان. مون کي منهنجيءَ شاعريءَ کان وڌيڪ جاسوسي ناول وندرائيندا آهن! مطلب تہ اھڙا جواب ڏيندو ھو جو سوال ڪرڻ وارو لاجواب ٿي وڃي. چلي حڪومت سندس ذهانت ۽ علم کي نظر ۾ رکندي پئبلو کي چلي جو سفير مقرر ڪيو هو اسپين، رنگون کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ سفارتي نمائندو ٿي رهيو. 1945ع جي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سينيٽر تي پڻ چونڊاڻو 1950 ﻉ ۾ ﮐﻴﺲ "ﻟﻴﻨﻦ ﺍﻣﻦ ﺍﻧﻌﺎﻡ" 1953 ﻉ ۾ “ ﺍﺳٽﺎﻟﻦ ﺍﻧﻌﺎﻡ ” ۽ 1971 ﻉ ۾ ﺍﺩﺏ جو ﻧﻮﺑﻞ انعام حاصل ڪيائين. 23 سيپٽمبر 1973ع تي 69 سالن جي ڄمار ۾ مثاني ۾ ڪينسر ھئڻ سبب گذاري ويو تازو ئي بي بي سي جي ھڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ پابلو کي ننڊ ۾ زھر جي انجيڪشن لڳائي وئي ھئي جيڪا ھن جي موت جي سبب بڻي!!!
Comments
Post a Comment